شاڪر مڇي

شاڪر مڇي

شاڪر ڪارو

شاڪر ڪارو

شاڪر ڳاڙهو

شاڪر ڳاڙهو

شاڪر مُنڍو

شاڪر مُنڍو

شاڪر مڇي

شاڪُرُ (Channa Morelia): شاڪر مڇيءَ جو وزن پندرهن ڪلو تائين ٿئي ٿو. درياهي ڪُنبن جي بيٺل پاڻيءَ ۾ شاڪر عام طور 5-6 ڪلو ٿيندو آهي. هن مڇيءَ کي ڪنڊو ڪونه ٿئي. چوڻي آهي ته: “گوشت ٻاڪرين مڇي شاڪرين.” ڪُرڙي ۽ موراکيءَ کانپوءِ شاڪر مڇي لذيذ ٿيندي آهي. شاڪر مڇي گول ٿيندي آهي. وڏو شاڪر گپ کان پري رهندو آهي، ننڍا مڪر گپ ۾ لڪندا آهن. شاڪر مڇيءَ جا چند قسم آهن، جيڪي جدا جدا نالن سان سڏبا آهن: ‘شاڪر وڏي’ مڇي ڳاڙهسري رنگ جي ٿيندي آهي، شاڪر مڇي ڪاري رنگ جي ۽ ڪا هلڪي پِيلي رنگ جي به ٿيندي آهي. وڏن شاڪرن کي ‘گدا شاڪر’ به سڏبو آهي. هن مڇيءَ جو پيٽ اڇو ٿيندو آهي. ‘چٽور’ شاڪر جي کل تي عام طرح هلڪا ڪارا ٽِڪا هوندا آهن، پر ڪن کي وڏيرڙا چٽڪا به ٿيندا آهن. ان کي ‘چٽوڙ’ چوندا آهن. شاڪر کي ‘مُنڍو’ به چوندا آهن. منڍو ننڍو ٿيندو آهي، خاص ڪري ننڍي پاڻيءَ ۾ رهندو آهي. وزن پاءَ کان اڌ ڪلي تائين ٿيندو اٿس. گپ ۾ پاڻي سڪي وڃڻ کانپوءِ به پاڻ کي جيئرو رکي سگهندو آهي. شاڪر کي ‘مُڪر’ به چوندا آهن. مڪر ۽ منڍ شاڪر قد ۾ هڪ جيترا هوندا آهن. دجو ‘مڪرو’ به ننڍي شاڪر کي چئبو آهي، جيڪو ڳاهه طور ڪلوئڙن ۾ به ڪم ڏيندو آهي. شاڪر وڏي مڇي آني ڪندي آهي. کوهه ۾ پاءُ ڏيڍ منڍو وجهندا آهن. جيئن پئونرا ۽ پاڻيءَ جا جيت کائي وڃي ۽ اڳتي وڌڻ يا گهڻا ٿيڻ نه ڏئي. شاڪر کي ڇلي منڍي لاهي، صاف ڪري ٻيرا ٺاهي رڌيندا آهن. شاڪر مڇي وڏي ٿيندي آهي ته ننڍين مڇين کي کائيندي آهي. شاڪر مڇيءَ جا ڪجهه قسم هيٺ ڏجن ٿا:
شاڪر ڪارو (Channa Staita): هن مڇيءَ کي پاڪستان جي ٻين ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ ‘سولي مڇي’ ڪري چون ٿا. هيءَ مڇي پاڻي مان نڪرڻ کانپوءِ به ڪافي وقت زنده رهي ٿي. هي به شاڪر جو ئي قسم آهي، پر مٿو ۽ ڪنهڙ منڍيءَ کان وڏو اٿس. هن جو منهن وڏو ۽ ڄاڙي مٿي ٿئي ۽ کلي سگهندي آهي. هن جي هيٺين ڄاڙي مٿين ڄاڙيءَ کان ڪجهه وڏي آهي، جنهن تي ڏند نظر ايندا آهن. هن جون اکيون ننڍيون ٿينديون آهن. هن مڇيءَ جي پٺيءَ وارو کنڀڙو، جسم جا ٽي حصا والاري ٿو، جنهن ۾ 21 کان 27 ڪنڊا ٿين ٿا، جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. ائين ڇاتيءَ تي به، کنڀڙون ٿينديون اٿس. ڇاتيءَ جي اڌ کان پڇ تائين کنڀڙيون ڏسي سگهجن ٿيون. جنهن ۾ 17 يا 18 ڪنڊا ٿين ٿا. ائين هيٺ ڇاتيءَ تي ڇاتي کنڀڙي کان ٿورو اڳتي ڳراچ ڏانهن، مٿينءَ کنڀڙيءَ هيٺان جسم جي اڌ کان اماڇي کنڀڙو (Pelvic Fin) ٿيندو اٿس، جنهن ۾ 14 کن ڪنڊا ٿين ٿا. هن جو سڄو جسم ڇلرن سان ڍڪيل ٿيندو آهي. پاسي واري لڪير وٽ ڇلر ڳڻجن ته اهي 50 کان 63 جي وچ تي ٿيندا. پٺيءَ واري ڪنڊي تي به ساڳيا اڇي رنگ جا پک ٿين، پر هيٺين ڇاتيءَ وارو پکڙو (Pietoral Fin) سرمائي رنگ جو ٿئي. هن مڇيءَ جي زندگيءَ جو دارومدار ننڍين مڇين ۽ ٻين جيتن جڻين تي ٿئي. هيءَ مڇي اپريل مئي ۾ لڳ جهليندي آهي ۽ ڪناري تي گاهه ۾ آکيري وانگر گهر ٺاهيندي ۽ اُن ۾ آنا لاهيندي آهي، نر ماد ٻئي آنن جي حفاظت ڪندا آهن. جڏهن آنا ڦٽي ٻچا ٿيند آهن ته به نر مادي ٻچن سان گڏ رهندا آهي ۽ انهن جي حفاظت ڪندو آهي. ڪاري شاڪر جي ٻچن جو رنگ ڀوراڻ مائل ٿئي ٿو. اهي ميڙ جي صورت ۾ پنهنجي والدين سان گهمندا رهندا آهن. هي مڇي هڪ ميٽر جي ڊيگهه تائين ٿي سگهي ٿي. جنهن جو وزن 8 کان 10 ڪلو به ٿئي. خاص اکين ۽گهڻو عرصو جيئري رهڻ سبب هي مڇيءَ منڇر ۾ گهٽ کاڌي ويندي هئي.
شاڪر ڳاڙهو (Channa Morulia): شاڪر مڇيءَ جو هڪ قسم قد بـُت ۾ وڏو ۽ ڊگهو ٿئي ٿو. ان جي منڍي جسم جي چوٿين حصي برابر ٿئي ٿي. هن جو منهن وڏو، لوطي ۽ ان ۾ وڏا ڏند ٿين ٿا. هن جون اکيون منهن جي اڳئين حصي ۾ هونديون آهن ۽ ان کي منهن جي مڇن وارا ڪنڊا ڪونه ٿين. پٺيءَ وارو کنڀڙو (Dorsal Fin) ان جي منڍيءَ کان شروع ٿئي ٿو، جيئن ڪاري شاڪر ۾ ٿيندو آهي ۽ پڇ تي پهچي ختم ٿئي ٿو. هن پکڙي ۾ 44 کان 50 ڪنڊا ٿين ٿا، جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. ائين ڇاتيءَ وارو کنڀڙو به هن جي جسم جي اڌ کان شروع ٿي پڇ سان وڃي ملي ٿو. پـُڇ، پڇ-ڳنيءَ سان گولائي تي نظر ايندو. ڇاتيءَ واري پکڙي ۾ 17 کان 20 ڪنڊا ٿين ٿا. اماڇي ڪنڊو منڍيءَ جي شروعات ۾ ٻنهي پاسي پڇ وانگر گولائيءَ تي اٿس، جنهن ۾ 6-8 ڪنڊا ٿين. پڇ ۾ 14 کان 16 ڪنڊا ٿيندا آهن. جسم جي گهرائي اڳئين حصي ۾ پوئين حصي جي نسبت وڌيڪ ٿئي ٿي. هن مڇيءَ ۾ ڇلڙ تمام سنها ٿيندا آهن، جيڪي هڪ قطار ۾ پٺي وٽ ڳڻبا ته 56 کان 70 کن ٿيندا، اهو تفاوت عمر سبب ٿيندو آهي. هن مڇيءَ جي پٺ هلڪي سُرمائي يا ڪن حالتن ۾ ڳاڙهي ۽ پيٽ نارنگي رنگ جو ٿيندو آهي. ان جي جسم تي اڀيون ويڪريون ڪاريون پٽيون ٿينديون آهن. ان جي پوئين حصي ۾ سفيد چٽا ٿيندا آهن، اهڙا ئي سفيد چٽا پڇ، ڇاتيءَ واري کنڀڙي ۽ اماڇي کنڀڙي تي به نظر ايندا آهن. هن مڇيءَ جو جياپو ننڍيون مڇيون ۽ جيت جڻيا آهن. ڏيڏر ۽ گونگها به کائيندي آهي. اپريل کان جون تائين آنا لاهيندي آهي. نر ۽ ماد گڏجي گاهه کي ڪتري ان مان ترندڙ آکيري وانگر گهر پاڻيءَ تي ئي ٺاهيندا آهن ۽ انهي آکيري ۾ ٻچا ترندا وتندا آهن جيڪي ٻن ملي ميٽرن جي ڊيگهه جا هوندا آهن. آنن جو رنگ پِيلڙو ٿيندو آهي. نر ۽ مادي گڏجي ٻچن جي حفاظت ڪندا آهن. آنن مان 30 کان 54 ڏينهن جي اندر ٻچا ڦٽندا آهن. هيءَ مڇي پنهنجي رنگ ۽ عادتن سبب منڇر ۾ ڪونه کاڄي، پنجاب موڪليندا آهن.
شاڪر مُنڍو (Channa Punctatus): هيءَ ڇيلري مڇين ۾ شمار ٿئي ٿي، پر گهڻن ڪنڊن سبب کائڻ ۾ ڪا نه اچي. هيءَ مڇي جسامت ۾ 30 سينٽي ميٽرن تائين ٿئي ٿي. هن مڇيءَ جو منهن جسم جي ڊگهائيءَ جو 25 کان 30 سيڪڙو ٿئي ٿو. منهن وڏو ۽ ڪجهه مٿي کلندو آهي. هن جي ٻنهي ڄاڙين تي ڏند هوندا آهن. اکيون ننڍيون اٿس، پٺيءَ وارو پکڙو جتان منهن (ڪنهڙ) شروع ٿئي ٿو، شروع ٿي پڇ سان وڃي ملي ٿو. هي کنڀڙو جسم جا ٽي حصا والاري ٿو. هن ۾ 29 کان 32 تائين ڪنڊا ٿيندا آهن. ڪلهي وٽ هر هڪ پاسي هڪ هڪ کنڀڙو اٿس، جنهن ۾ 17 ڪنڊا ٿين ٿا. ڪلهي يا بغلي پکڙا ننڍا اٿس، هن مڇيءَ جو پڇ گول آهي، جيڪو ڪافي مضبوط ٿيندو آهي. هن گوشت خور مڇيءَ جو گذارو ننڍين مڇين تي آهي. هي اپريل کان جون تائين آنا لاهي ٿي، آنا گهڻو ڪري ڍنڍ جي ڪناري گاهه گند ۾ لاهيندي آهي، جڏهن ته آنن مان ٻچا ٿيڻ تائين نر ماد ٻئي آنن جي حفاظت ڪن ٿا. هن مڇيءَ جو رنگ ساواڻ مائل ۽ ان جي جسم تي عمودي پٽا ٿيندا آهن. انهن پٽن جي چوڌاري پيلو ۽ سفيد رنگ ڦهليل ڏسبو آهي. هيءَ مڇي کاڌي ڪا نه ٿي وڃي، گهڻو ڪري ڀاڻ وارين ڪمپنين کي ٻين ننڍين مڇين سان گڏ وڪرو ڪئي وڃي ٿي يا وري وڏين مڇين جو کاڄ ٿئي ٿي. هي شاڪر جو ننڍو قسم آهي، جڏهن ته ڪارو شاڪر ۽ ڳاڙهو شاڪر وزن ۽ بت ۾ هن کان وڏا آهن.


لفظ شاڪر مڇيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو